Ad

EnglishFrenchSpanish

Free editor online | DOC > | XLS > | PPT >


OffiDocs favicon

SS Read 2.0 in Chrome with OffiDocs

SS Read 2.0  screen for extension Chrome web store in OffiDocs Chromium

Ad


DESCRIPTION


جيتوڻيڪ شروع ۾ فيس بوڪ تي سنڌي لکائي سان اسٽيٽس اپڊيٽ ڪندڙ تمام گهٽ هئا پر ان هوندي به انهن اميدون نه لاٿيون۔ سنڌ سلامت طرفان پڻ فورم انتظاميه کي فيس بوڪ تي موڪليو ويو ته جئين اتي موجود سنڌين کي سنڌيءَ ۾ لکڻ تي مجبور ڪيو وڃي۔ نتيجا خاطر خواه نڪتا ۽ هن وقت فيس بوڪ تي رومن اردو يا رومن سنڌي ۾ لکڻ کي ناپسند ڪيو پيو وڃي۔ خود رومن لکائي لکندڙ پڻ ان ڳالهه کي سٺو نه پيو سمجهي۔ ان ڳالهه کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ لاءِ منهنجي خواهش هوندي هئي ته فيس بوڪ ۽ ٽويٽر سميت گوگل تي موجود مواد کي ڊيفالٽ فونٽ بجاءِ سنڌي فونٽ سان سينگاريو وڃي۔ ۽ هاڻي جڏهن انهن پليٽ فارمس تي سنڌي مواد جو اضافو ٿي رهيو آهي۔ ان خواهش ۾ شدت اچڻ لڳي۔ آخر ڪجهه ڏينهن جي جستجو کان پوءِ آخر جاوا ڪوڊنگ جي مدد سان هڪ اهڙو اسڪرپٽ تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس جنهن ذريعي مختلف ويب سائيٽس تي پنهنجي پسند جا فونٽ ڏيکاري ٿي سگهيا۔ ان سلسلي ۾ پهريون تجربو مون فيس بوڪ تي ڪيو ۽ نتيجا ڀرپور مليا پر جيئن ته فيس بوڪ ڪو خالص سنڌي سوشل نيٽ ورڪ نه آهي ان ڪري ان تي موجود انگريزي ۽ اردو لکائي جا فونٽ پڻ سنڌي فونٽس ۾ تبديل ٿي ويا نتيجتن ٻين ٻولين ۾ لکيل مواد کي پڙهڻ ڏکيو لڳو۔۔ جلد ان جو به مون حل ڳولي ورتو ۽ اسڪرپٽ ۾ اها ڪنڊيشن لڳائي ته سنڌي فونٽ رڳو ساڄي کان کاٻي لکندڙ ٻولي تي اپلائي ٿئي ۽ ٿوري جستجو کان پوءِ سڪرپٽ ڪوڊنگ ڪاميابي ملي اهڙي طرح فيس بوڪ تي موجود سنڌي لکائي جو نظارو منهنجي خواهش مطابق نظر اچڻ لڳو ۽ پورو فيس بوڪ جهڙوڪ سنڌي سوشل نيٽورڪ لڳڻ لڳو۔ سنڌي فونٽ SSRead ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هيٺ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪريو http://www.

sindhsalamat.

com/attachments/3303/ وڌيڪ تفصيل لاءِ هيٺين لنڪ جو ڦيرو ڀريو http://www.

sindhsalamat.

com/threads/44425/ http://www.

sindhsalamat.

com/threads/27638/

Additional Information:


- Offered by SindhSalamat
- Average rating : 4.89 stars (loved it)

SS Read 2.0 web extension integrated with the OffiDocs Chromium online


Run Chrome Extensions

Ad